شاهه ولي خان

شاهه ولي خان: هي افغانستان جي بادشاهه احمد شاهه ابداليءَ جو وزيراعظم هو. شاهه ولي خان جو سنڌ سان گهرو تعلق رهيو آهي. هيءُ سنڌ جي نامور بزرگ شاهه فقيرالله علويءَ جو عقيدتمند هو ۽ ‘مڪتوبات شاهه فقير الله علويءَ’ ۾ سندس خط به شامل آهن. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي تخت نشينيءَ کان ٻه مهينا پوءِ احمد شاهه ابدالي 20 رجب المرجب 1186هه/17 آڪٽوبر 1772ع تي قنڌار ۾ وفات ڪري ويو. تخت نشينيءَ تي جهيڙو شروع ٿيو. احمد شاهه جو ولي عهد تيمور شاهه هرات ۾ هو. شاهه ولي خان موقعو ڏسي احمد شاهه ابداليءَ جي ٻئي پٽ شهزادي سليمان شاهه کي، جيڪو سندس ناٺي پڻ هو، تخت تي ويهاريو. اهو ٻڌي تيمور شاهه لشڪر وٺي آيو ۽ اچڻ شرط ئي حملو ڪيائين. جنگ ۾ شاهه ولي خان ۽ سندس ٻه پٽ مارجي ويا. اهڙيءَ طرح سليمان شاهه کي معزول ڪري تيمور شاهه پاڻ تخت نشين ٿيو.


لفظ شاهه ولي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو